يروشلم(ويب ڊيسڪ) غزا جنگبندي معاهدي تحت مغوين جي آزادي جي ٻئي مرحلي ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس وڌيڪ اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، حماس جنگبندي معاهدي تحت 4 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
حماس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي يرغمالين جي بدلي ۾ اسرائيلي جيلن مان 200 فلسطيني قيدين کي آزادي ڪيو ويندو.
يرغمالين جي آزاديءَ جي پهرئين مرحلي ۾ حماس طرفان ٽن اسرائيلي عورتن کي آزاد ڪيو ويو هو ، جنهن جي عيوض اسرائيل 90 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو هو.
ٻئي پاسي جنگ بندي معاهدي باوجود اسرائيلي فوجين جي غزا جي ڏاکڻي علائقي ۽ فلسطين جي ٻين والاريل علائقن ۾ فوجي ڪارروائيون جاري آهن ۽ جنگبندي شروع ٿيڻ کانپوءِ هنيئر تائين هڪ درجن کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
You might also like