اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف 26 هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.
تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست وڪيل سمير کوسا ذريعي داخل ڪرائي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ آئين جي بنيادي خدوخال کي تبديل نٿي ڪري سگهي، عدليا جي آزادي آئين جو بنيادي جزو آهي.
درخواستن جي متن موجب، عدليا جي آزادي خلاف ڪابه ترميم نٿي ڪري سگهجي، آئيني ترميم اختيارن جي ورڇ جي آئيني اصول خلاف آهي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته 26 هين آئيني ترميم تحت کنيل سمورن قدمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ آئيني ترميم جي فيصلي تائين جوڊيشل ڪميشن کي ججن جي مقرري کان روڪيو وڃي.
You might also like