پي ٽي آءِ باني خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي پارٽي جي صوبائي صدارت تان هٽائي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان علي امين گنڊاپور کي پارٽي جي صوبائي صدارت تان هٽائي ڇڏيو.
ذريعن موجب، عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان پارٽي جي صوبائي صدر وارو عهدو واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ سندس جاءِ تي جنيد اڪبر کي پارٽي جو نئون صوبائي صدر مقرر ڪيو آهي.
عمران خان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا کي هدايت ڪئي آهي ته جنيد اڪبر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.
ان کانسواءِ پي ٽي آءِ باني سلمان اڪرم راجا کي پنجاب ۾ پارٽي جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ مشاورت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
سلمان اڪرم راجا جو چوڻ آهي ته علي امين پاڻ به چاهيندو هو ته هو پارٽي صدارت پاڻ وٽ نه رکي، جڏهن ته عمران خان کيس هدايت ڪئي آهي ته هو صوبي ۾ دهشتگردي ۽ گورننس جي مسئلن تي ڌيان ڏئي.
ذريعن موجب، عمران خان خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ علي امين کي پيغام ڏنو آهي ته هو ڊيرا اسماعيل خان جي سياست کان پري رهي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ شير افضل کي نامزد ڪيو هو پر ڪجهه ڏينهن اڳ ان جي نامزدگي رد ڪري جنيد اڪبر کي ان عهدو لاءِ مقرر ڪيو ويو، جيڪو بنا مقابلو چيئرمين چونڊجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.