حڪومت جي عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي ڪا به نيت ناهي: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته حڪومت سان سچي دل سان ڳالهيون شروع ڪيون، حڪومت جي عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي ڪا به نيت ناهي، مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ئي واحد رستو آهن جيڪي ٿيڻ گهرجن، حڪومت سان رڳو فوٽو سيشن لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.
جڊيشل ڪامپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڳالهيون بهترين رستو آهن ۽ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، سچي دل سان ڳالهيون شروع ڪيون هيون، خدشن باوجود هو نيڪ نيتي سان ويٺا هئا، حڪومت طرفان زيادتيون ٿيون آهن، سندن مينڊيٽ چوري ٿيو هو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي جنهن طريقي سان سزائون ڏنيون ويون آهن پر انهن سڀني شين باوجود تحريڪ انصاف باني اعلان ڪيو هو ته هو 2 مطالبا رکن ٿا ۽ انهن تي ئي ڳالهيون ڪندا.
تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته جيڪڏهن عدالتي ڪميشن قائم نٿي ڪئي وڃي ته حڪومت سان رڳو فوٽو سيشن لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.