ٽرمپ جي اعلانن سان يورپ کان وچ اوڀر تائين ٿرٿلو متل

اسلام آباد(نجم سيٺي) ٽرمپ يورپي ملڪن کي چئي رهيوآهي ته پنهنجي ڪمائي جو 5 سيڪڙو پنهنجي دفاع لاءِ اسان کي ڏيو.  مبصر چون ٿا ته اهو ڪرڻ يورپي ملڪن لاءِ ممڪن ناهي. اهي ڳالهيون انهن کي پريشان ڪري رهيون آهن. ٻئي ڳاله هن رشيا سان ڊيل جون ڳالهيون به ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ تقريبن 50 هزار ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍي نوان ماڻهو آڻڻ جو اعلان به ڪيو آهي. هن ٻيو اعلان تيل  قيمتون گهٽائڻ بابت ڪيو آهي.  ۽ آمريڪا ۾ به تيل کوٽائي جا اعلان به ڪيا آهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي. برٿ رائٽ سٽيزن شپ ختم ڪري رهيوآهي. افغانستان ۾ آمريڪا جي مدد ڪندڙ افغانين جي آمريڪا ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي رهيوآهي. افغانين جي ايگريمينٽ ٿيل هئي ته اهي  اميگرينٽس کي پاڪستان رکندو پوءِ ڪاغذ ٺهڻ بعد آمريڪا ويندا .اهو اسان لاءِ به مسئلو ٿيندو. برٿ سٽيزن شپ کي ڪجه رياستن چيلينج ڪيو آهي ان تي روڪ  اچي ويندي  باقي ٻيا معاملا  ايگزيڪيوٽو آرڊر وسيلي اڳتي ويندا. معلومات جاري ڪرڻ واري آرڊر کي سي آئي اي بهتر نه ٿي سمجهي، جيڪا هن جي ايف ڪينڊي، مارٽن لوٿر ڪنگ جي قتل بابت وارا آرڊر  قبوليا نه ويندا.ڪيپٽل هل تي حملو ڪرڻ وارن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. انهن آزاد ٿيلن مان ڪجه چون ٿا ته اسان ته هٿيار خريد ڪري ڇڏيا آهن. سو انهن جي معافي  انهن کي همٿائڻ برابر آهي .جيڪا خطرناڪ صورتحال آهي.سعودي کي چيو آهي ته پنهنجو دفاع ڪريو ۽ خرچ ڪريو. سعودي چيوآهي ته سان انويسٽمنٽ ڪنداسين  پر هن چيو آهي ته اسان کان هٿيار خريد ڪريو. 1 ٽرلين   جي سيڙپڪاري ڪريو ۽ تيل جون قيمتون لاهيو. اسرائيل ۽ عربن کي چوندو ته پوئتي هٽو ۽ ٻه رياستي حل قبول ڪريو نه ته اسان توهان جو دفاع نه ڪنداسين. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ٽرمپ کي عمران خان جي ڪرتوتن بابت ٻڌائيندو ته اهو اسلام ازم  جي پويان هيو ۽ آمريڪا مخالف بيان ڏيندو رهيوآهي. اينٽي ڇائنا فرنٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ٿيندي، ممڪن آهي ته آمريڪا پاڪستان کي چوي ته انڊيا سان تعلقات بهتر ڪريو.  ۽ انڊيا کي سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ٽڪ ٽاڪ وسيلي چائنا آمريڪا جو تمام گهڻو ڊيٽا حاصل ڪري ورتو آهي . عدالت مان ٽڪ ٽاڪ تي بين ۾ ڪاميابي ٿي وئي آهي . ممڪن آهي ته ايلون مسڪ خريد ڪري يا آمريڪي سرڪار وٺي.محسن نقوي ڪجه پرائيوٽ ڪجه ايمبسي سان گڏجي ملاقاتون ڪيون، هڪ ميٽنگ پرو اسرائيل ڪميٽي سان به ملاقات ڪئي جنهن تي تنقيد به ٿي آهي. باقي ملاقاتون ڪامياب رهيون آهن..بلاول جي ڳالهه درست آهي بينظير ڀٽو به بريڪ فاسٽ ميٽنگز ۾ آمريڪا ۾ شريڪ ٿيندي هئي.عمران خان اسٽبلشمنٽ جي ليڊرشپ جي خلاف آهي باقي اسٽبلشمنٽ سان ڪو مسئلو نه اٿس ڳالهيون جاري رهنديون.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 25 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.