”وڌيڪ گئس ڏيڻ باوجود سنڌ جا چلها نه ٿا ٻرن“ گئس بندش خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ رٿ منظور

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ گئس جي بندش خلاف سنڌ اسيمبلي يڪ راءِ ٿي وئي، رٿ منظور، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گذريل ڏينهن اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، ايوان ۾ سوال پڇندڙ ميمبرن جي غير موجودگيءَ سبب سوالن جو وقت نه ٿي سگهي. اسيملبي جي ھلندڙ ڪارروائي دوران پ  پ جي ميمبر هير سوهو پاران سنڌ ۾ گئس لوڊشيڊنگ جي مسئلي تي پيش ڪيل التوا جي تحريڪ تي بحث ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ 61 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي، صوبي جي ضرورت 400 ايم ايم سي آهي پر گيس صبح جو ڇهين وڳي اچي ٿي ۽ 9 وڳي  ھلي ويندي آھي، گيس نه ھئڻ جي ڪري ٻارڙا نيرن ڪرڻ کان سواءِ اسڪول وڃن ٿا، او جي ڊي سي ايل ھتي ڪم ڪري ٿي ۽ سموري صوبي کي گيس مھيا ڪري ٿي، جڏھن ته مقامي نوجوانن کي گيس کاتي ۾ نوڪرين جي ڪوٽا به نه ٿي ڏني وڃي، گھرج مطابق گيس ڇونه ٿي ڏني وڃي؟ آئين اهو چوي ٿو ته ان ھنڌ تي جتان گيس نڪري ٿي ان کان پوءِ ٻين کي گيس ڏني وڃي. جماعت اسلامي جي ميمبرمحمد فاروق چيو ته جنهن علائقي مان گئس نڪري ٿي، اڳ ۾ انھن ماڻهن جو حق آهي. مان هن تحريڪ جي حمايت ڪريان ٿو. ايم ڪيو ايم جي راشد خان به التوا جي تحريڪ جي حمايت ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو گئس جي لوڊشيڊنگ کان تنگ اچي ويا آهن، سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ۽ زيادتي ٿي رهي آهي، پهريون اسان گئس استعمال ڪريون، پوءِ پاڪستان جي ٻين علائقن کي استعمال ڪرڻ گهرجي، گئس جي کوٽ سبب سنڌ صوبي جون صنعتون بند ٿي ويون آهن، گئس نه ڏيڻ جو سبب ڇا آهي؟ گيس جو بل تمام گھڻو اچي ٿو پر گيس نه ٿي ملي، ماڻهن جي گھرن جا چلھا نه ٿا ٻرن. حيدرآباد ۾ مشهور چوڙين جو ڪارخانو گيس نه ملڻ سبب بند ٿي ويو آهي، جنھن ڪري پنج لک ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آھن. سنڌ جي وڏي وزير کي وزيراعظم سان ڳالهائڻ گهرجي، سنڌ وٽ انفراسٽرڪچر آهي. گئس سلينڊر سبب ٿيندڙ موتن جو ذميوار ڪير آهي؟ ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي چيو ته گئس لوڊشيڊنگ سان گڏ، اڏاوتن جي تعمير جو به مطالبو ڪيو وڃي.  وڏي وزير کي سي سي آءِ اجلاس ۾ گئس لوڊشيڊنگ جو ڪيس وڙهڻ گهرجي. پي پي پي جي روما مشتاق مٽو، ماروي راشدي، متحده جي نصير احمد ۽ ٻين چيو ته اسان سڀ گئس لوڊشيڊنگ کان متاثر ٿي رهيا آهيون. آئين ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته جنهن صوبي مان معدنيات ايندي، اهو پهريان انهن کي حاصل ڪندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ به صوبي سان ٿيندڙ زيادتين جو تسلسل آهي. آئين چوي ٿو ته پهرين ان کي ڏيو جتي به گئس اچي.  هن چيو ته "اڳ ۾ شهرن ۾ گئس هوندي هئي، ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهو ڪاٺيون ٻاريندا هئا پر هاڻي گئس جي لوڊشيڊنگ ناهي، بلڪه گئس بلڪل ناهي.” هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ به سورهن کان ستر ڪلاڪن تائين ڪئي ويندي آهي، جيڪا وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هي التوا جي تحريڪ منظور ڪنداسين ۽ ان کي وفاق ڏانهن موڪلينداسين. ايم ڪيو ايم جي دوستن وفاقي حڪومت آڏو ڪيس به وڙهيو. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس بروزسومر، وقت 2.00 وڳي ٻيپھري تائين ملتوي ڪيو ويو. ايوان جي ڪارروائي دوران ميمبرن جي مختلف ڌيان ڇڪايو نوٽيسن تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته سوال پڇندڙ ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا، جنهن جي ڪري سوالن جو وقت ملتوي ڪيو ويو. ان کان پوءِ مختلف ڌيان ڇڪايو نوٽيسن تي بحث ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر شارق جمال چيو ته سندس تڪ پي ايس 90 جون گهٽيون گندگي جي ور چڙھيل آهن. سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته شايد سندن شڪايت درست هجي، پر سنڌ حڪومت سالڊ ويسٽ کي بحال ڪرڻ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا آهن، هاڻي ڪچرو کڻي لينڊ فل سائيٽ ڏانهن موڪليو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت هر يوسي کي 1.2 ملين رپيا ڏئي رهي آھي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪيو ها ته اهي مسئلا توھان پاڻ حل ڪيو ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.