مٺي(رپورٽ: غازي بجير) مٺي ۾مذھبي ۽ سياسي جماعتن پاران پنج سالن جي معصوم نياڻي سان جنسي ڏاڍائي واري واقعي خلاف ۽ جوابدار کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ قومپرستن سميت سياسي ۽ واپاري تنظيمن جا اڳواڻ مولوي انور ساهڙ، مولانا محمد اقبال، رمضان لنڊ، گهنشام مالهي، ماما وشن ٿري، اڪبر درس، واپاري اڳواڻ شام لهاڻو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مٺي ۾ ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي جو واقعو مذمت جوڳو عمل آھي، جوابدار کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي، جنسي ڏاڍائي واري واقعي کي گذريل ڏينهن نئون رنگ ڏنو ويو ۽ فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان سڀ هڪ آهيون، مسلم هندو ڀائر آهن، متاثر ٻارڙي ڪائنات اسان سڀني جي ڌيءُ آهي، اسان هندو مسلم پاڻ کي الگ نٿا سمجهون، اسان هندو مسلم سڀ هڪ آهيون، پنهنجي اولاد کي سٺي تربيت ڏني وڃي، ڏوهاري جي ڪابه ذات يا مذھب ناهي هوندو، ڏوهاري صرف ڏوهاري آھي، انکي سزا ملڻ گهرجي، هنن چيو ته اسان نوٽ ڪرايون ٿا ته اسان پرامن آهيون ڪير به قانون هٿ ۾ کڻي نٿو سگهي، ٻئي طرف متاثر ٻارڙي سول اسپتال مٺي ۾ زير علاج آھي، جنهن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي، هوڏانهن جميعت اهل حديث پاران مٺي ۾ معصوم نياڻي سان زيادتي واقعي خلاف اسلام ڪوٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، مظاهري ۾ منظور سلفي، مولانا اسماعيل، الله رکيو سومرو، عبدالقادر هنڱورجو، اڪبر ٻاراچ، انور هنڱورجو، جمن لوڌو، منظور لوڌو، ٽيڪم ميگھواڙ، عبدالغني سمون، عطاءُ الرحمان راهمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مظاهرين چيو ته معصوم نياڻي سان زيادتي واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ آهي، جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته وحشي صفت جوابدار کي جلد ڪشمير چوڪ تي سرعام ڦاهي ڏني وڃي ته جيئن اهڙا گهٽيا عمل ڪندڙ مستقبل ۾ سئو ڀيرا سوچين.