دل جو دورو ان وقت ٿيندو آهي جڏهن دل تائين رت جو وهڪرو گهٽجي وڃي يا مڪمل طور تي بلاڪ ٿي وڃي. عام طور تي رڳن ۾ چربي، ڪوليسٽرول ۽ ٻيا مواد گڏجي دل تائين رت جي وهڪرن ۾ رنڊڪ بڻبا آهن جنهن جي ڪري دل جو دورو پوندو آهي.
ڪوليسٽرول جي گڏجڻ کي "پليڪ” چيو ويندو آهي، ۽ ڪيترائي ڀيرا ان سان گڏ بلڊ ڪلاٽ (رت جا لوٿڙا) پيدا ٿيندا آهن. جنهن سبب رت جا وهڪرن کي ڏکيائي ٿيندي آهي.
اهي ايڏا وڏا مسئلا آهن جيڪي چپ چاپ ته ٿي سگهن ٿا انهن ۾ ڪو شڪ ناهي، پر سنگين هجڻ ڪري انهن جون ڪجهه علامتون به هونديون آهن جيڪي ڪجهه هفتا اڳ ئي ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون.
اهڙيون علامتون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ فوري طور تي طبي ماهرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
هونئن ته دل جو دورو اوچتو ئي پئجي ويندو آهي پر هيٺيون علامتون اهڙيون هونديون آهن جيڪي ان کان ڪجهه هفتا اڳ ئي ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
- غير معمولي ٿڪاوٽ ۽ سستي
- ننڊ متاثر ٿيڻ
- ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ
- سيني ۾ چڀڪو ۽ اڻوڻندڙ ڪيفيت جو احساس
ڪليو لينڊ ڪلينڪ مطابق، دل جي دوري کان اڳ ڪجهه علامتون اهڙيون هونديون آهن جن کي گهڻي قدر نظر انداز ڪيو ويندو آهي جيڪي نظر انداز ڪرڻ جوڳيون ناهن هونديون. جهڙوڪ سيني ۾ دٻاءُ، ٻانهن، ڄاڙي، ڳچي، يا چيلهه ۾ سور، ۽ ٿڌو پگهر اچڻ. اهي سڀ دل جي دوري کان اڳ ظاهر ٿيندڙ علامتون ٿي سگهن ٿيون.
گڏيل علامتون
- سيني ۾ تڪليف يا دٻاءُ
- ٿڪاوٽ يا ڪمزوري محسوس ڪرڻ
- مٿي کي چڪر اچڻ، بيهوشي، يا دماغ جو ڪنٽرول کان نڪري وڃڻ
- سانس کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ
هونئن ته اهي علامتون دل جي دوري جون ئي آهن تنهن باوجود به عورتن ۽ مردن ۾ اهڙيون علامتون مختلف ٿي سگهن ٿيون.
سيني تڪليف مردن ۽ عورتن ۾ عام علامت آهي، پر عورتن ۾ ڪجهه اضافي علامتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون جهڙوڪ ڳچي، ٻانهه يا چيلهه ۾ سخت سور جيڪو سوئي چڀڻ وانگر محسوس ٿئي.
دل جي دوري جو خطرو وڌيڪ ڪهڙي ماڻهن کي هوندو آهي؟
دل جو دورو ڪنهن کي به ٿي سگهي ٿو، پر عمر، جنس ۽ ڪجهه طرز زندگي جي عادتون هن خطره کي وڌائين ٿيون. ٿولهه، شگر، سگريٽ نوشي، هاءِ بلڊ پريشر، هاءِ ڪوليسٽرول ۽ خاندان ۾ دل جون بيماريون هجڻ کان پوءِ دل جو دورو ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.