چاهت فتح علي خان جي مٿيرا سان اڻ وڻندڙ حرڪت، وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي گائڪي جي انوکي انداز سبب سوشل ميڊيا تي شهرت ماڻيندڙ چاهت فتح علي خان، پاڪستان جي شوبز انڊسٽريءَ سان واڳيل اداڪارا، ماڊل ۽ ميزبان مٿيرا سان ملاقات جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
ويجهڙائي ۾ چاهت فتح علي خان، مٿيرا جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
ان وڊيو تي ڪيترائي واهپيدار اداڪارا سان چاهت فتح علي خان جي اڻ وڻندڙ رويي تي تنقيد ڪري رهيا آهن.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بدو بدي ۽ ٻين بي سرن گانن سبب ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجندڙ چاهت فتح علي، مٿيرا سان ملاقات دوران ساڻس تصوير ڪڍرائڻ جي فرمائش ڪئي.
تصوير ڪڍرائڻ وقت مٿيرا ٿوري غير مطمئن نظر آئي، پر هن انڪار نه ڪيو.
ان دوران چاهت فتح علي خان هٿ ملائيندي پنهنجو ٻيو هٿ مٿيرا جي چيلهه تي رکي ڇڏيو، جنهن تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.