”گوتم گاريون ڏنيون، وسيم اڪرم جهيڙو ٽاريو“ منوج تيواريءَ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي بيٽر منوج تواريءَ انڪشاف ڪيو آهي ته آءِ پي ايل (انڊين پريميئر ليگ) هڪ ميچ ۾ گوتم گمڀير سان منهن ماري دوران وسيم اڪرم وچ ۾ پئي معاملو ٽاري ڇڏيو هو.
هڪ يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏيندي منوج تواريءَ ٻڌايو ته ”جڏهن هڪ نئون رانديگر ايندو آهي ته ان جون اخبارن سرخيون لڳن ٿيون، ممڪن آهي هو انڪري مون کان ناراض هجي، جيڪڏهن منهنجي پي آر ٽيم هجي ها ته اڄ مان ڀارتي ٽيم جو ڪپتان هجان ها.“
هن چيو ته” هڪ دفعي گوتم ۽ منهنجي وچ ۾ منهن ماري ٿي، ميچ ۾ بيٽنگ تي ڏاڍو بحث ٿيو، مان مايوس هئس، هو مون وٽ آيو ۽ چيائين اهڙو رويو برادشت نه ڪيو ويندو، توکي ڪڏهن کيڏائيندس ڪڏهن نه، جنهن تي مون کي چيو ته اِهو ڪيئن ڳالهائي رهيو آهين. ان دوران وسيم اڪرم اندر آيو ۽ معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.“
واضح رهي ته گوتم ۽ منوج تواري جو تڪرار ڪا نئين ڳالهه ناهي، ٻئي 2015 ۾ رنجي ٽرافي جي هڪ ميچ دوران به اٽڪي پيا هئا، جنهن بابت منوج ٻڌايو ته گوتم کي کيس گاريون ڏنيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.