ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتون تاريخ بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2900 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 89 هزار 600 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 2486 رپيا واڌ بعد 2 لک 48 هزار 285 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 29 ڊالر چاڙهه بعد 2 هزار 7 سئو 72 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
You might also like