ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچ دهشتگرد تنظيمن جي دهشتگردن طرفان هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، انتهائي گهربل ٻن دهشتگرد ڪمانڊرن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
مختلف دهشتگرد تنظيمن کي ڇڏي هٿيار ڦٽا ڪندڙن ڪوئيٽا ۾ صوبائي وزيرن ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي بلوچستان سان گڏ پريس ڪانفرنس پاڻ کي رياست حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
هٿيار ڦٽا ڪندڙ اهم دهشتگرد ڪمانڊرن ۾ نجيب الله عرف درويش، عبدالرشيد عرف خدائيداد عرف ڪماش ۽ ٻيا شامل آهن.
صوبائي وزير ظهور احمد بليدي چيو ته دهشتگرد ڪمانڊر نجيب الله ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هنن رياست ۽ سڪيورٽي فورسز کي نقصان پهچايو، عليحدگي پسند تنظيمن جو مقصد بلوچ قوم جي جذبن سان کيڏي ڪري کين ملڪ خلاف ويڙهائڻ هو.
هنن چيو ته بلوچ آزادي جي تحريڪ ڏوهاري ٽولن جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، پاڙيسري ملڪ جي انٽيليجنس ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي.
ڪمانڊر نجيب الله ۽ ٻين چيو ته پهاڙن تي ويٺل جڙتو ويڙهاڪن کي ٻن وقتن جي ماني به نه ملي رهي آهي، دهشتگرد تنظيمن بلوچستان جي نوجوانن کي دهشتگردي ۾ ڦٽو ڪيو آهي، سمورن تنظيمن جا سربراهه پرڏيهه ۾ ويهي عياشي ڪري رهيا آهن.
You might also like