اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان حڪومت سان ڳالهيون ٻيهر ڪرڻ شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته تحريڪ انصاف باني ڳالهيون هولڊ ڪيون آهن، هو کليل دل سان ڳالهين ۾ ويٺا هئا.
سندس چوڻ هو ته هنن رڳو ٻه مطالبا رکيا هئا، ست ڏينهن ڪافي هئا ڪميشن لاءِ پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته ڪميشن جي اعلان لاءِ ست ڏينهن گهڻا هئا، هو ٻيهر ڳالهين لاءِ غور ڪري سگهن ٿا پر حڪومت ڪميشن جو اعلان ڪري.
هن چيو ته پارليامينٽ ۾ احتجاج مخالف ڌر جو حق آهي، هو اڄوڪي قانون سازي جي حمايت نه ڪندا.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته حڪومت پنهنجي ايجنڊا تي 8 قانون رکيا آهن.
You might also like