26 هين آئيني ترميم کي پارليامينٽ کان سواءِ ڪو ٻيو ادارو ختم نٿو ڪري سگهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم کي پارليامينٽ کان سواءِ ڪو به ٻيو ادارو ختم نٿو ڪري سگهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ واري سوال تي چيو ته هو ڪابينا جو حصو ناهي بڻجي رهيو.
هڪ سوال جي جواب ۾بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيو پوليٽڪس جي لحاظ سان آمريڪا ۽ چين جي موجوده حالتون اوهان جي آڏو آهن، چين جي صدر کي دعوت ملڻ کانپوءِ ڀارت جي نمائندگي به ضروري هئي.
هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پنهنجي جاءِ تي قائم ۽ دائم آهي، پاڪستان جا نيوڪليئر اثاثا ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ذوالفقار علي ڀٽو جو تحفو ۽ بينظير ڀٽو جي امانت آهي.
پ پ چيئرمين چيوته سپريم ڪورٽ ۾ ڪو جج عهدي تي اچي ته ٻين ججز کي آسانيون پيدا ڪرڻ گهرجن.
سندس چوڻ هوته 26 هين آئيني ترميم وارو معاملو هاڻي اِها روايت بڻجي چڪي آهي، 26 هين ترميم جي رول بيڪ جو اختيار رڳو پارليامينٽ کي آهي، ڪو ٻيو ادارو آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪندو ته ان کي نه اسان مڃنداسين ۽ نه ئي ڪو ٻيو قبول ڪندو.
هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم پارليامينٽ کانسواءِ ڪو ٻيو ختم نٿو ڪري سگهي، بينچ آئيني هجي يا سپريم ڪورٽ جو، ٻنهي کي آئين ۽ قانون کي مڃڻو پوندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان دعوت ملڻ بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي نيرن ۾ شرڪت ڪندو، اهو سلسلو امڙ جي دور کان جاري آهي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پيڪا ايڪٽ تي ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا نمائندن سان ٿئي ها ته بهتر هو، حڪومت کي ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.