ڪئنالن سان سنڌو گڊو کان هيٺ سڪي ويندو:لياقت جتوئي

دادو( ڊ ر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 6 ڪئنال سنڌو درياهه  مان ڪڍڻ سان سنڌو درياهه گڊو کان هيٺ سڪي ويندو جنهن ڪري سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي، جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان دادو ۾ 9 فيبروري 2025 تي زبردست عوامي رد عمل ڏيکارينداسين۽ سنڌ جو باشعور ۽ باغيور عوام سنڌو درياهه جي حفاظت ڪرڻ لاءِ چيلهه سان سندرا ٻڌي تياري ڪن،هن چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي ڪري دادو ضلعي ۾ عوام کان صحت جون سهولتون کسيون ويون آهن سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ آهن، ضلعي جي ترقي لاءِ هنن حڪمرانن وٽ ڪا به منصوبابندي نه آهي زرعي پاڻي جي شديد کوٽ جي سبب دادو ضلعي جو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي هن چيو ته  جي ڊي اي اڳواڻ عاشق علي زئنور، نياز حسين ٻرڙو، امداد حسين لغاري، محبوب لنڊ، گلڻ ڀنڊ سميت ڪيترن ئي ساٿين تي اي ٽي سي جا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن جڏهن ته  لياقت علي جتوئي پنهنجي ساٿين سان گڏ دادو پريس ڪلب جي صدر صابر علي ڀنڊ سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.