پولينڊ سان واسطو رکندڙ سياح ڪولمبيا ۾ هڪ خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب پولينڊ جي سياح پولينا بسڪپ ڪولمبيا جي مشهور علائقي ۾ دوستن سان گڏ پيرا گلائيڊنگ لاءِ وئي هئي.
38 ورهين جي پولينا ڪولمبيا جي شهر رولڊينيلو مٿان پيرا گلائيڊنگ ڪري رهي هئي ته پيراشوٽ ۾ خرابي ٿي وئي ۽ هوءَ تيزيءَ سان کاهيءَ ۾ وڃي ڪِري.
جنهن وقت حادثو پيش آيو ته سندس موبائل جي ڪيمرا کليل هئي، جنهن ۾ وڊيو محفوظ ٿي وئي، آخري لمحن ۾ عورت سياح رڙيون ڪندي رهي ته مان هيٺ ڪري رهي آهيان پر هزارين فوٽ اوچائي تي موجود عورت جي مدد لاءِ ڪير موجود نه هو ۽ هوءَ کاهي ۾ ڪِري موت جي منهن ۾ هلي وئي.
رپورٽ موجب ساٿين گهڻي دير تائين پولينا کي نه ڏٺو ته سندس ڳولا شروع ڪري ڇڏي پر تيستائين دير ٿي وئي هئي، پوءِ امدادي ٽيم کي کاهي مان عورت جو لاش هٿ آيو.
You might also like