مصر کي هڪ پراسرار سرزمين چيو ويندو آهي، جتي هزارين سال پراڻا ڪيترائي راز سامهون ايندا رهندا آهن پر سائنسدانن اتي ڪجهه اهڙو دريافت ڪيو آهي، جنهن کي مصر ۾ هزارين سالن ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو ويو، هنن ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ لڪڙ بگي کي ڏسڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
اهو 5 هزار سالن ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جڏهن ان جانور کي مصري سرزمين تي ڏٺو ويو.
مصر جي الزهرا يونيورسٽي جي ماحولياتي ماهر عبدالله ناغي موجب مون کي ته اڳ ۾ يقين نه آيو پر مان ٻيهر لڪڙ بگي جي مئل جسم جي تصويرن ۽ وڊيوز کي چيڪ ڪيو.
هن چيو ته شاهديون ڏسڻ کانپوءِ مان دنگ رهجي ويس، اسان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته لڪڙ بگي کي مصر ۾ دريافت ڪري سگهجي ٿو.
اهو جاندار سب صحارن آفريقا جو رهواسي آهي پر ماهرن موجب ان کي مقامي ماڻهن يهاميب وادي ۾ پڪڙي ماري ڇڏيو هو.
اها وادي مصر ۽ سوڊان جي سرحد ڀرسان آهي ۽ عام طور تي لڪڙ بگا ان علائقي ۾ گهڻي پري ناهن وڃي سگهندا.
ماهرن جو خيال آهي ته اهو ڪنهن موسمي تبديلي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب لڪڙ بگو پنهنجي شڪار جي علائقن کان پري نڪري ويو.
ماهرن موجب مصر ۽ سوڊان جي سرحد تي معمول کان وڌيڪ برساتن سبب ٻوٽن جي واڌ ويجهه وڌي وئي ۽ جانورن جي هجرت جو رستو تبديل ٿي ويو، جنهن سبب لڪڙ بگا به هن علائقي ۾ پهچي ويا آهن.
پر مصر ۾ انهن جي سفر جو مقصد اڃا تائين پراسرار آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
هزارين سالن ۾ پهريون ڀيرو مصر ۾ دريافت ٿيل جاندار سائنسدانن کي به وائڙو ڪري ڇڏيو!
You might also like