اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افسوس اسان جي نصاب ۾ ڪوڙ پڙهايو پيو وڃي.
قومي اسميبلي اجلاس دوران آسيا ناز تنولي، عقيل ملڪ ۽ ملڪ ابرار راولپنڊي ضلعي ۾ وڌيڪ سرڪاري اسڪول نه کولڻ جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو.
قومي اسيمبلي ميمبر نازيا تنولي چيو ته راولپنڊي غازين ۽ شهيدن جو شهر آهي.
خواجا آصف چيو اسان هن وقت گوادر ۽ ٻين علائقن ۾ اسڪول کولي رهيا آهيون، جڏهن ته اهو تاثر غلط آهي ته اسان راولپنڊي ۾ وڌيڪ اسڪول نه پيا کوليون.
هن چيو ته فوج جا ادارا تعليم جي شعبي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، فوج جا تعليمي ادارا ڪنهن ٻئي اداري کان بهتر ۽ معياري تعليم فراهم ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته معياري تعليم جي ذميواري صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي آهي، افسوس ته اسان جي نصاب ۾ ڪوڙ پڙهايو پيو وڃي، اسان آمريڪا جي چوڻ تي نصاب تبديل ڪيو هو، تعليم واري وزارت جو ڪم آهي ته ان کي ٺيڪ ڪري.
You might also like