اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته هن وقت آءِ ايم ايف جي بالادستي آهي، آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ادارن جي نجڪاري جي ڳالهه ٿي رهي آهي، پ پ نجڪاري جي سدائين مخالفت ڪئي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته قومي مفادن جي اثاثن جي نجڪاري جي ڳالهه هجي ته پهرين نظر پي آءِ اي تي پوندي آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته ڪير قومي ايئر لائن ۽ روزويلٽ کي غصب ڪرڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته او جي ڊي سي ايل ڪهڙي خساري ۾ آهي؟ ان جي نجڪاري نه ٿيڻ ڏينداسين، پ پ جو نظرياتي سفر بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ جاري رهندو.
You might also like