اڌ پاڪستان اڳ ئي جيل ۾ آهي: زرتاج گل جو پيڪا ترميمي بل تي سخت ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ايم اين اي زرتاج گل چيو آهي ته پيڪا ترميمي بل ۾ سزائون تمام سخت آهن ۽ اڌ پاڪستان اڳ ئي جيل ۾ آهي.
قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته اوچتو اجلاس گهرايو ويو، ڪاري قانون لاءِ ايڏي تڪڙ ڪئي ويندي آهي، حڪومت فائر وال لڳائي، ان سان ڪم نه ٿيو ته هاڻ بل آندو پيو وڃي.
هن چيو ته حڪومت جيڪي ڪم ڪري رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ان جا ڪرتوت سامهون ايندا آهن، بل ۾ سزائون تمام سخت آهن، اڌ پاڪستان اڳ ئي جيل ۾ آهي، بل آڻڻ جو مقصد سوشل ميڊيا کي گهٽو ڏيڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.