پي ايس ايل 10: ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو ڪپتان ڪير؟ نالو سامهون اچي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز اهم تبديلي ڪندي پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي نائب ڪپتان سعود شڪيل کي پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ڪپتان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سعود شڪيل کي پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم ۾ هڪ اهم بيٽر جي حيثيت حاصل آهي. هو 2023 جي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني اسڪواڊ جو حصو رهيو، پر عالمي ڪپ کانپوءِ کيس ون ڊي فارميٽ جي پلان مان ٻاهر ڪيو ويو هو.
گذريل سيزن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي قيادت رائيلي روسو کي سونپي وئي هئي، جڏهن ته ان کان اڳ سرفراز احمد ڊگهي عرصي تائين ٽيم جي ڪپتاني جا فرض سرانجام ڏنا.
ذريعن موجب، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي انتظاميا هاڻي سعود شڪيل ۽ معين خان جي گڏيل حڪمت عملي آزمائڻ جي تياري ڪري رهي آهي ته جيئن ٽيم کي وڌيڪ مستحڪم ۽ مقابلي جي قابل بڻائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.