ڪراچي پوليس ڦورن لاءِ تَر تپائي ڇڏيو، پوليس ۽ ڦورن ۾ هڪٻئي پٺيان مقابلا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

اتر ناظم آباد واري علائقي ۾ نادرا آفيس ويجهو پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن سبب پوليس ۽ ڦورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

فائرنگ کانپوءِ گولي لڳڻ سبب هڪ ڦورو اسلم پُٽ شير محمد عمر ٽيهه سال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن سندس ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

گرفتار ٿيل جوابدار کي زخمي حالت ۾ اي ايس ايڇ منتقل ڪيو ويو. جوابدار وٽان هڪ پسٽل، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ رڪشو هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ اڄ ئي منگهو پير پوليس ۽ ڦورن ۾ پڻ مقابلو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.