لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي سندس پٽ ۽ ان جي دوستن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائڻ وارو معاملو، جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي، بئريسٽر ڪاظم عباسي، ايڊوڪيٽ جاويد بليدي، ايڊوڪيٽ منصور مستوئي، ايڊوڪيٽ منصور ڏاهاڻي سان گڏجي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي ڪيس جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن انچارج دهشتگردي انت واري عدالت جي جج سمڪان حسين مغل ڪئي، جڏهن ته ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪندي ڪيس هيٺين عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته معظم علي عباسي ۽ سيال ڀائرن وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ 3 ڏينهن اڳ قمبر ۾ پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي سرپئنچي هيٺ راڄوڻي فيصلو ٿيو هو، جڏهن ته فيصلي ۾ گاڏي ۾ سوار ٽن ڄڻن عبدالاحد مگسي، اسد تونيو ۽ بخت چانڊيو طرفان سيال ڀائرن ڏانهن ميڙ کڻي وڃڻ ۽ داخل ڪيس واپس وٺڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي هئي، فيصلي بعد اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال سيال ٽنهي نوجوان کي ميڙ معاف ڪري ڇڏي هئي.