نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار بيٽر ويرات ڪوهلي تي مبينا طور سيلفي جي اوسيئڙي ۾ بيٺل ڀارتي فوجي اهلڪار کي نظرانداز ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڇتي تنقيد ڪڳئي پئي وڃي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ممبئي ۾ ويرات ڪوهلي جڏهن گاڏيءَ مان لٿو ته هڪ فوجي اهلڪار فون کڻي سندس ويجهو آيو پر هن کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪوهلي تي ڄاڻي واڻي فوجي سان گڏ تصوير ڪڍرائڻ کان انڪار جو الزام مڙهي رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ته ” سچن ٽنڊولڪر پنهنجي 24 سالن جي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ائين ڪندي نه ڏٺو، نه ئي ڊريوڊ، لڪشمڻ يا گنگولي جو مداحن سان اهڙو رويو رهيو.“
هڪ ٻئي صارف چيو ته ” اهڙي ڪرڪيٽر يا رانديگر کي رول ماڊل نه ٿو بڻائي سگهجي.“
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ۽ سندس گهرواري تازو ئي ممبئيءَ جي علائقي علي باغ ۾ قائم پنهنجي گهر ۾ شفٽ ٿيا آهن.
ان دوران ئي ٻنهي کي گيٽ وي آف انڊيا تي علي باغ ڏانهن ويندي ڏٺو ويو، مداح اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن ته جوڙو مستقل طور علي باغ واري گهر ۾ منتقل ٿي چڪو آهي.
ڪوهلي جو فوجيءَ سان سيلفيءَ کان انڪار، ” ههڙي ڪرڪيٽر کي رول ماڊل نه ٿو بڻائي سگهجي“
You might also like