راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ڳالهين جي چوٿين رائونڊ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ ڪميٽي ڳالهين جي چوٿين رائونڊ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چوٿين رائونڊ کان اڳ جڊيشل ڪميشن جو قيام ضروري آهي ۽ جيستائين ائين نه ٿيو ڳالهيون نه ڪنداسين.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جون واضح هدايتون آهن، حڪومت جڊيشل ڪميشن نٿي ٺاهي ته ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي، تنهن ڪري اسان چوٿين رائونڊ ۾ نه ويهنداسين.
هوڏانهن حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر عرفان صديقي چيو ته جڊيشل ڪميشن ٺهڻ يا نه ٺهڻ جي حوالي سان فيصلو ناهي ٿيو، 28 جنوري تي پي ٽي آءِ سان چوٿون گڏيل اجلاس ٿيندو.
You might also like