ٽرمپ جي حلف برداري کانپوءِ چين ۽ روس جو وڏو فيصلو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري کانپوءِ روس ۽ چين ۾ اعليٰ سطحي رابطو ٿيو، روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيني هم منصب شي جن پنگ کي فون تي چيو ته گڏيل لاڳاپن کي عالمي سطح تي وٺي وينداسين.
رپورٽ موجب شي جن پنگ ۽ پيوٽن فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آمريڪا سان مستقبل جي لاڳاپن، يوڪرين ۽ تائيوان جي جنگ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
چيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏيڍ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي پيارا دوست چئي مخاطب ڪيو ۽ گڏيل مفادن جي دفاع لاءِ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.