سعودي هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو: گورنر سنڌ جو قونصل جنرل سان ملاقات ۾ اظهار

ڪراچي (پ ر) سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري سعودي عرب جي قونصل خاني پهتو، جتي وقتي قونصل جنرل Abdil Rahman Saad Jumah ۽ ٻئي سفارتي عملي گرم جوشي سان سندس استقبال ڪيو.
گورنر سنڌ سعودي عرب جي قونصل جنرل سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري، واپار ۾ واڌ ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڪامران ٽيسوري چيو ته پاڪستاني قوم جي سعودي عرب سان جذباتي وابستگي آهي، سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو.
هن چيو ته سعودي عرب جي سيڙپڪاري خطي ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ نمايان طور تي گهٽتائي آڻي رهي آهي، سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي صوبي جي پرڪشش شعبن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
سعودي عرب جي قائم مقام قونصل جنرل چيو ته هو پاڪستان کي خطي ۾ معاشي ۽ دفاعي طور تي مستحڪم ڏسڻ چاهين ٿا.
هن گورنر سنڌ کي قرآن شريف ۽ رياض شهر جو سووينئر به پيش ڪيو.
ان کان اڳ سنڌ جي گورنر قونصل جنرل جو ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته گورنر سنڌ غزه جنگبندي معاهدي تي سعودي عرب جي سفارتي ڪردار کي ساراهيو ۽ قونصل جنرل کي گلدستو ۽ مٺائي به ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.