اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پابندي پيل بور وارن هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته خيبر پختونخواهه ۾ ڪير لائسنس ناهي وٺندو، هٿيار سڀني وٽ آهن.
سپريم ڪورٽ پابندي پيل بور وارن هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ 6 سوال پڇيا ويا هئا، عدالتي سوالن جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخواهه چيو ته پابندي پيل بور واري هٿيار جو لائسنس جاري ڪرڻ جو اختيار صوبن وٽ ناهي، رڳو عام هٿيار لاءِ لائسنس جاري ڪري سگهون ٿا.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڪي پي ۾ ڪو لائسنس وٺندو ئي ناهي، هٿيار سڀني وٽ آهن.
جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته پابندي پيل بور جي هٿيار بابت قانون ڇا آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اهو پاڪستان آرمز ايڪٽ 2023 تحت جاري ڪيو ويندو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هر شخص هٿيار کڻي ٿو گهمي، ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿي رهي آهي، حڪومت ان کي ختم ڪري.
جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته هٿيار جو لائسنس جاري ڪرڻ کان اڳ ڇا سائڪولاجي ٽيسٽ ٿيندي آهي؟ دهشتگردن وٽ وڏا هٿيار آهن ته شهرين کي به پنهنجي حفاظت ڪرڻي آهي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي چيو قبيلائي علائقن ۾ ته راڪيٽ لانچر به آهن، عدالت صوبن ۽ وفاق جي رپورٽن تي پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو.
You might also like