ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايمريٽس ايئرلائن پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارگو بزنس حب ٺاهڻ لاءِ ايئرپورٽس اٿارٽي سان رابطو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب ايمريٽس ايئرلائن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارگو ٽرمينل تي 90 هزار اسڪوائر فوٽ جي جاءِ گهري آهي، ڪارگو بزنس جي وڌندڙ طلب کي ڏسندي ايمريٽس به پنهنجو ڪارگو حب ڪراچي ۾ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن وقت ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارگو بزنس ايمريٽس ايئر جو آهي، رڳو ڪراچي مان 2024 دوران سڀ کان وڌيڪ 27 هزار ٽن مٿي ڪارگو ايمريٽس ايئر لائن کنيو.
ذريعن موجب ايمريٽس ايئرلائن جي درخواست تي ايئرپورٽ اٿارٽي ڪارگو ٽرمينل تي جاءِ ڏيڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like