ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سنڌڙي پوليس پاران جڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ميرپورخاص جي عدالت ۾ ٿي، جتي رهيل 9 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن بعد عدالت ڪيس کي آرڊر تي رکيو ويو آهي جنهن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، عدالت ٻاهران ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي ميرپورخاص اسلم جاڳيراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجڻ ۽ جوابدار وٽان پسٽل هٿ اچڻ وارو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد سنڌ حڪومت جي هدايتن تي آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي بدين تي ٽيم جوڙي جاچ جو حُڪم ڏنو هو جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ سنڌڙي پوليس پاران ڄاڻايل پوليس مقابلو ۽ جوابدار وٽان پسٽل هٿ اچڻ وارو ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو جنهن بعد سنڌڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن جي جاچ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي نگراني ۾ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ مون سميت ٻه ڊي ايس پي جاچ ڪري رهيا آهن، رپورٽ جي بنياد تي اسان عدالت ۾ 9 شاهد گذريل پيشي ۽ رهيل 9 گواھه عدالت ۾ پيش ڪيا آهن ۽ پوليس پاران ڪيس کي بي ڪلاس ڪرڻ جي پڻ درخواست داخل ڪرايل آهي، هن چيو ته عدالت ۾ ڪيس جي 18 گواهن جا بيان مڪمل ٿيڻ بعد عدالت پاران ڪيس جي فيصلي کي آرڊر تي رکيو ويو آهي، عدالت پاران فيصلي جي تاريخ مقرر ڪرڻ يا فيصلو ٻڌائڻ جي انتظار ۾ آهيون ته جيئن عدالت جي حُڪمن تي عمل ڪري سگھون.