ڌاٻيجي(رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور ڀرسان ڪوسٽل بيٽ جي ساحلي ڪناري تي ونڊ مل ڪمپني انتظاميا پاران مقامي ملاحن کي مڇي جي شڪار تان روڪڻ خلاف سوين مقامي مهاڻن جو گذريل 24 ڪلاڪن کان ونڊ مل ڪمپني جي گيٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، متاثر ملاحن جي احتجاج ۾ يوسين جا چونڊيل نمائندا، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پڻ شامل ٿي ويا، مسئلو حل نه ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، ٺٽي جي ساحلي تعلقي ميرپورساڪرو جي ساحلي ٽن يوسيز ڀنڀور، ڪڪڙانڊ ۽ کڳاڻ جي متاثر سوين ملاحن محمد اسحاق ملاح، زبير ملاح، احمد ڪڇي، عباس بلوچ، ابراهيم محمد حسن ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ونڊ مل ڪمپني جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو آهي، ملاحن جي احتجاج ۾ يوسي ڪڪڙانڊ جو چيئرمين حبيب الله بلوچ، يوسي کڳاڻ جو چيئرمين خان محمد بلوچ، يوسي ڀنڀور جو وائيس چيئرمين رحيم خان شورو، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سچل خاصخيلي، سياسي سماجي اڳواڻن يار محمد لاشاري، غازي جوکيو، عباس ڪلمتي، احمد ڪڇي ۽ ٻيا اڳواڻ ويٺل آهن، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته انهن بجلي گهرن ۾ مزدورن جي قانون تي ڪوبه عمل نٿو ڪيو وڃي، هلندڙ بجلي گهرن ۾ ٻين صوبن جو ڪارڊ رکندڙن کي روزگار ڏنو ٿو وڃي، روزگار سان گڏوگڏ بجلي گهرن اندر رهائش، کاڌي پيتي سميت هڙئي بنيادي سهولتون ڏنيون ٿيون وڃن، هنن چيو ته مل جي گيٽن تي وانا ۽ وزيرستان جا سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ٿيل آهن، جيڪي هر وقت مقامي پورهيتن سان نجي جيل وارو رويو استعمال ڪن ٿا، هتان جا نام نهاد ڪمپينن جا مالڪ مقامي وڏيرن، مقامي انتظاميا، چونڊيل نمائندن سان ملي ڀگت ڪري پنهنجي ڏاڍ تي قائم آھن، جيڪو پورهيت انهن جي خلاف ڳالهائي ٿو، ان کي هيسائي مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا، اهو روزگار تان ئي هٿ کڻي ٿو وڃي، هتان جا ڪمپني مالڪ سنڌ کي مال غنيمت سمجهي ٻنهي هٿن سان ڦري ۽ لٽي رهيا آھن، اهڙي ناانصافي خلاف ڪنهن به سياسي، سماجي پارٽي جو ڪو به ردعمل سامهون نٿو اچي، هنن چيو ته فيڪٽري مالڪ مقامي پورهيتن کي ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪري ڦٽو ڪري ڇڏين ٿا، ڪنهن به ملڪ يا علائقي ۾ ڪارخانا لڳن ته اها خوشي جي ڳالھه ھوندي آھي، ان سان علائقي ۾ ترقي ٿئي ٿي، ماڻھن کي روزگار جا موقعا ملن ٿا ۽ ٻيا انيڪ فائدا ٿين ٿا، پر هتي الائي ڪٿان جا مزدور ڪم ڪن ٿا، هاڻي ڪمپني وارا چون ٿا ته سيڪيورٽي زون آھي، ان ڪري ايڏانهن هرڪو نٿو وڃي سگهي ڇوته اتي انجنيئر ڪم ڪري رهيا آھن، هنن چيو ته ڌاٻيجي ۾ اڳ ۾ ئي انڊسٽريز زون موجود آھي پر انهن ڪارخانن ۾ افغاني، بنگالي، بيهاري ۽ پٺاڻ ڀرتي ڪيا ويا آھن، جيڪي هاڻ ڌاٻيجي جي اندر مختلف نالن سان ڪالوني قائم ڪري ويٺا آھن، ڌاٻيجي جي مکيه ڪاروبار تي به انهن جو قبضو آھي، هنن چيو ته پورٽ قاسم واري انڊسٽريز ايريا اولهين پاسي کان لانڍي انڊسٽريل ايريا سان ڳنڊجي وئي آھي ۽ اها گهگهر ڦاٽڪ وارو علائقو ٽپي ڌاٻيجي جي علائقي ۾ شامل ٿي آھي، هاڻ جيڪي ڪمپاونڊ ٺھيا آھن، اهي وڃي ڌاٻيجي اسٽيشن واري علائقي سان لڳا آھن، انهن علائقن کي اسان رڳو ڏسون ڏسي سگهون ٿا، هڪ ڊينٽر، ويلڊر، ميڪنڪ، اليڪٽريشن جي ڀرتي به اتي قائم ادارا ميرٽ جو بهانو ڪري مقامي پورهيتن کي نظرانداز ڪن ٿا، هنن چيو ته حيرت جي ڳالھه آهي ته انهن علائقن ۾ افغانين، بنگالين ۽ برمين کي ته ملازمت ڏني ٿي وڃي پر مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي.ساڪرو تعلقي جي ٽن يوسين ڀنڀور، ڪڪڙانڊ ۽ کڳاڻ جي سوين مقامي ملاحن کي مختلف جواز ڄاڻائي سفائير ونڊ مل ڪمپني جي انتظاميا سندن رستا روڪ ڪري سمنڊ ۾ مڇي مارڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، کين پنهنجي قديمي قبرستان ۽ سامونڊي تڙ تي مڇي مارڻ لاءِ وڃڻ کان به روڪي سندن روزگار کسيو ويو آھي، متاثر ماهيگير مڇي مارڻ وارو روزگار بند ٿيڻ ڪري بيروزگار ٿي فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويا آھن، غريب ماهيگيرن جي گذر جو واحد وسيلو مڇي ماري پيٽ پالڻ آھي، هتان جي ماڻهن جو مطالبو آهي ته مقامي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، ايم اين اي صادق ميمڻ، سي ايم سنڌ مراد علي شاھ نوٽيس وٺي بند پيل ڪارخانا کولرائي ۽ هلندڙ ڪارخانن ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار ڏياري علائقي جي ماڻھن مان بک ۽ بدحالي جو خاتمو آندو وڃي.