هوٽل ۾ باهه، 66 ڄڻا اجل جو شڪار

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي هڪ هوٽل ۾ باهه جي واقعي ۾ 66 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
اختيارين موجب ترڪيه جي سڪي ريزورٽ بولو جي هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ سان 66 ڄڻا فوت ۽ گهٽ ۾ گهٽ 51 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
باهه 12 ماڙ گرينڊ ڪارٽل هوٽل ۾ مقامي وقت موجب 3 لڳي 27 منٽن تي لڳي، هوٽل ۾ 234 ماڻهو موجود هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب هوٽل جي درين مان ٽپو ڏيڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
بولو جي گورنر عبدالعزيز آيدين چيو ته شروعاتي اطلاعن موجب باهه هوٽل جي چوٿين ماڙ جي ريسٽورنٽ جي حصي ۾ لڳي ۽ مٿين ماڙ تائين پکڙجي وئي.
گورنر موجب موسمي حالتن سبب فائر بريگيڊ جي گاڏين کي پهچڻ ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جو وقت لڳي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.