ٽرمپ جي دور ۾ پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جو نئون باب شروع ٿيندو: محسن نقوي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جو نئون باب شروع ٿيندو.
محسن نقوي واشنگٽن ۾ لنڪن لبرٽي بال ۾ خاص ڊنر تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي، ان دوران محسن نقوي آمريڪي سينيٽرن، ڪانگريس ميمبرن ۽ اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون.
هن ڊونلڊ ٽرمپ طرفان صدارت جو عهدو سنڀالڻ تي آمريڪي سينيٽرن ۽ ڪانگريس ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ آمريڪي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
گهرو وزير چيو ته اڄ آمريڪا لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، آمريڪي عوام ڊونلڊ ٽرمپ سان محبت ڪري ٿو، مان شاهد آهيان ته آمريڪي عوام هن تقريب کي زبردست طريقي سان ملهايو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جو نئون باب شروع ٿيندو، آمريڪي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.