انساني امداد لاءِ ڪنگ سلمان سينٽر طرفان سنڌ جي شهر دادو ۽ سانگهڙ ۾ امدادي سامان ورهايو ويو.
انتظاميا موجب سينٽر طرفان پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي سپورٽ پروگرام جاري آهي، دادو ۽ سانگهڙ ۾ حقدارن ۾ 1450 غذائي پيڪيٽ ورهايا ويا.
ان کان اڳ خيبر پختونخواهه ۾ به امدادي سامان ورهايو ويو، جنهن سان 8700 ماڻهن کي فائدو مليو.
انتظاميا چيو ته ورهايل امدادي سامان ۾ چانور، اٽو، کنڊ، خشڪ کير ۽ مختلف قسمن جي دالين کانسواءِ دٻن ۾ بند غذائون شامل آهن.
You might also like