راکي ساونت جي چئلينج تي هانيا عامر جو شرارتي جواب، وڊيو وائرل

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور بالي ووڊ اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت طرفان پاڪستاني ادڪارائن ۽ رقصائن کي ڊانس چئلينج بعد هانيا عامر جو ردعمل اچي ويو آهي.
واضح رهي ته راکي ساونت ويجهڙائي ۾ پاڪستاني يوٽيوبر کي ڏنل انٽرويوءَ دوران پاڪستاني مداحن سان محبت جواظهار ڪندي چيو هو ته ”ائين سمجهيو ته مان پاڪستان جو نيمڪ کاڌو آهي.“
اداڪارا جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هن جا ڪيئي مداح رهن ٿا، جيڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي کيس ڊجيٽل تحفا به اُماڻن ٿا، انڪري هوءَ چوي ٿي ته هن پاڪستان جو نيمڪ کاڌو آهي.
ساڳئي انٽرويوءَ دوران هن پاڪستاني رقصائن ۽ ادڪارائن کي ڊانس چئلينج ڏيندي چيو ته هوءَ پاڪستاني ڊانسرز کي مات ڏئي ڇڏيندي.
هاڻي هانيا عامر به راکي ساونت جي چئلينج جو جواب ڏيڻ کانسواءِ نه رهي سگهي ۽ هن راکي جي نقل ڪندي پنهنجي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.
هانيا عامر جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن طرفان مزاحيه تبصرن جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.