اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبلي آمد جي موقعي تي تحريڪ انصاف ميمبرن احتجاج ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي بازار بڻجي ويو.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وزيراعظم جي پهچڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ”اووو اووو“ جا آواز به ٻڌڻ ۾ آيا.
پي ٽي آءِ ميمبرن جي احتجاج تي ن ليگ ميمبرن طرفان به جوابي نعريبازي ڪئي وئي ۽ ايوان مڇي بازار جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ن ليگ ميمبرن وزيراعظم جي چوڌاري حفاظتي ڀت ٺاهي ڇڏي.
اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبرن باني عمران خان جي حق ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۽ مسلسل نعريبازي ڪندا رهيا.
پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
وزيراعظم جي قومي اسيمبلي پهچڻ تي پي ٽي آءِ جو احتجاج، ايوان مڇي بازار بڻجي ويو
You might also like