ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا راکي ساونت دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان وسيم اڪرم هن سان ملي ” پاڻي پاڻي ٿي ويو هو. “
راکي ساونت ويجهڙائي ۾ پاڪستاني يوٽيوبر کي ڏنل انٽرويوءَ دوران پاڪستاني مداحن سان محبت جواظهار پڻ ڪيو ۽ چيو ته ائين سمجهيو هن پاڪستان جو نيمڪ کاڌو آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هن جا ڪيئي مداح رهن ٿا، جيڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي کيس ڊجيٽل تحفا به اُماڻن ٿا، انڪري هوءَ چوي ٿي ته هن پاڪستان جو نيمڪ کاڌو آهي.
انٽرويوءَ دوران هن پاڪستاني رقصائن ۽ ادڪارائن کي ڊانس چئلينج ڏيندي چيو ته هوءَ پاڪستاني ڊانسرز کي مات ڏئي ڇڏيندي.
راکي ساونت ان انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪيو ته هڪ دفعي پاڪستاني ڪرڪيٽر وسيم اڪرم ساڻس ملي پاڻي پاڻي ٿي ويو هو.
هن ٻڌايو ته ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هوءَ وسيم اڪرم سان ملي هئي، جڏهن ڪرڪيٽر سان هٿ ملايو ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ کيس جهٽڪو لڳو هجي.
انٽرويوءَ دوران يوٽيوبر کيس ٻڌايو ته تازو ئي وسيم اڪرم گهوٽ جي عروسي جوڙي ۾ فيشن شو ۾ ڪيٽ واڪ ڪئي، جنهن تي راکي کيس مخاطب ٿيندي چيو ته ڪرڪيٽر کيس ڇو نه گهرايو؟