اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ۽ ريگولر بينچز بابت ڪيس منتقل ٿيڻ تي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي، ٻن يا ٽن ذهنن جي مقابلي ۾ هڪ چيف جسٽس ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿو.
سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ آڏو مقرر ڪيس منتقل ٿيڻ تي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ سخت رمارڪس ڏنا.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته ڇا هاڻي هڪ ريسرچ آفيسر اسان کي ٻڌائيندو ته ڪهڙو ڪيس ڪٿي مقرر ٿيندو؟ ڪميٽي وٽ اهڙو اختيار ناهي ته هو ڪيس ئي منتقل ڪري ڇڏي. 26هين ترميم تحت اهو معاملو آئيني بينچ ۾ وڃڻ گهرجي ها ۽ اِهو بحث اسان جي عدالت ۾ به ٿي سگهي ٿو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هي ڪيس انتظامي ڪميٽي وٽ هليو ويو. جيڪڏهن جسٽس عرفان سعادتي مصروف آهن ته ڪو ٻيو جج بينچ ۾ اچي سگهي ٿو. ڪميٽي وٽ اهڙو اختيار ناهي ته ڪيس ئي نه لڳائي.
هن وڌيڪ چيو ته هي ڪيس اسان جي عدالت ۾ رکڻ بدران ٻي ڪنهن عدالت ۾ به ناهي رکيو ويو، هي ته پورو ڪيس ئي غائب ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين چيو ته صحافين سان لاڳاپيل هڪ ڪيس تي به پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، ٻن يا ٽن ججن جي راءِ جي ڀيٽ ۾ هڪ چيف جسٽس ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿو.
بعد ۾ عدالت آئيني ۽ ريگولر بينچز جي اختيارن بابت ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ايڊشنل جڊيشل رجسٽرار کي توهينِ عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
You might also like