پاڪ – چين دوستي جي شاهڪار نيو گوادر انٽرنيشنل هوائي اڏي جو افتتاح

گوادر(ويب ڊيسڪ) پاڪ چين جي بيمثال دوستي جو شاهڪار نيو گوادر انٽرنيشنل هوائي اڏو مڪمل طور فعال ٿي ويو آهي.
ڪراچي کان پي آءِ اي جي پهرين اُڏام ايئر پورٽ تي لينڊنگ ڪئي.
ڪراچي کان پي ڪي 503 نيو گوادر ايئرپورٽ تي پهتي ته افتتاحي اڏام جو رن وي تي واٽر ڪينن سان شاندار استقبال ڪيو ويو.
بچاءُ ۽ هوا بازي واري وزير خواجا آصف، گورنر بلوچستان ۽ وڏي وزير پهرين ڪمرشل اڏام جي آجيان ڪئي ۽ مسافرن کي گل پيشا ڪيا.
نيو گوادر ايئرپورٽ سي پيڪ جو فليگ شپ منصوبو آهي، هوائي اڏي تي جديد سڪيورٽي ۽ مسافرن لاءِ سهولتون موجود آهن.
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي ايئرپورٽس ايئر وائس مارشل ذيشان سعيد خطاب ڪندي چيو ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ مڪمل فعال ٿيڻ اهم ڪاميابي آهي، هو ايئر پورٽ فعال ٿيڻ تي چين جا ٿورائتا آهن.
سندس چوڻ هو ته گوادر هڪ معاشي حب طور اڀري رهيو آهي، گوادر علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
ڊي جي ايئرپورٽس ايئر وائس مارشل ذيشان سعيد چيو ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ منصوبي کي گهٽ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.