يونيورسٽي وي سيز لاءِ ڪامورن جي مقرري وارو بِل واپس ورتو وڃي، رضا رباني جي وڏي وزير کي صلاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ ميان رضا رباني سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ ڪامورن جي مقررين بابت بل واپس وٺڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته غير پي ايچ ڊي اميدوارن ۽ بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر بڻجڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، اِها ترميم جيڪو غير ماهر ماڻهن کي ان عهدي تي مقرر ڪرڻ جو رستو صاف ڪندي.
هن مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽس لاز ايڪٽ ۾ ٿيل ترميم ترت واپس ورتي وڃي، ڇو جو يونيورسٽيون خودمختيار آهن ۽ پنهنجن لاڳاپيل قانونن تحت هلن ٿيون، اهڙيون مقرريون يونيورسٽين جي خودمختياري کي متاثر ڪنديون.
رضا رباني وڌيڪ چيو ته اهڙين مقررين سان يونيورسٽين جي تعليمي معيار ۽ آزادي متاثر ٿيندي، هن سنڌ جي وڏي وزير کي صلاح ڏني ته هي ترميم واپس ورتي وڃي.
ياد رهي ته سنڌ ۾ بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر بڻائڻ جي فيصلي خلاف مختلف يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل 5 ڏينهن کان معطل آهي.
فيڊريشن آف آل پاڪستان اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ (فپواسا) جي اپيل تي بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر بڻائڻ خلاف تدريسي عمل جو بائيڪاٽ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.