اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ بينچن جي اختيار جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ واري معاملي تي جسٽس منصور علي شاهه، ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آئيني بينچن ۽ ريگيولر بينچن جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
وڪيل بئريسٽر صلاح الدين عدالت کي ٻڌايو ته هو ڪراچي مان رڳو هن ڪيس لاءِ آيو آهي پر ڪاز لسٽ جاري ناهي ٿي، عدالت اڄ لاءِ ڪيس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ۾ چيو ته کين ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي، ايڊيشنل رجسٽرار کي فوري طور گهرايو ته جيئن خبر پئي ڪيس ڇو مقرر نه ٿيو آهي.
ٻڌڻي دوران ڊپٽي رجسٽرار ذوالفقار احمد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته ايڊيشنل رجسٽرار جي طبيعت ٺيڪ ناهي ۽ هو موڪل تي آهي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته جيڪو ڪيس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو اهو ڇو نه لڳايو؟
ڊپٽي رجسٽرار ذوالفقار احمد چيو ته ججز ڪميٽي فيصلو ڪيو ته آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي 27 جنوري تي آئيني بينچ ۾ ٿيندي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته هو پاڻ به ڪميٽي جو ميمبر آهي، کيس ڪابه خبر ناهي.
جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته جوڊيشل آرڊر انتظامي ڪميٽي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهي ٿي؟.
جسٽس عقيل عباسي ڊپٽي رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالتي حڪم ڪميٽي آڏو رکيو ويو هو؟.
ڊپٽي رجسٽرار ذوالفقار احمد چيو ته عدالتي حڪم ڪميٽي آڏو پيش ڪيو ويو هو، جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته سندن سڄي هفتي جي ڪاز لسٽ ڇو تبديل ڪئي وئي؟ هنن ٽيڪس جا ڪيس مقرر ڪيا هئا جيڪي تبديل ڪيا ويا.
عدالت ججز ڪميٽي جي پاس ڪيل آرڊر ۽ اجلاس جي منٽس جا تفصيل طلب ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته ڪاز لسٽ ڇو تبديل ڪئي وئي، ان بابت ڪا لکت ۾ هدايت آهي ته پيش ڪئي وڃي.
جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته سمورا ڪيس عدالتي حڪم تحت مقرر ڪيا ويا هئا، ٻيا ڪيس ڇو ڊي لسٽ ڪيا ويا؟، جنهن تي ڊپٽي رجسٽرار جواب ڏنو ته ريسرچ آفيسر جو نوٽ آهي، قانوني سوالن تي ٻڌل ڪيس جي ٻڌڻي آئيني بينچ ڪندي.
جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاڻي ريسرچ آفيسر عدالتي حڪمن جو جائزو وٺندو ته درست آهن يا نه؟، سندس عدالتي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته ڪو ڪيس ائين گم ٿيو هجي.
جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ۾ چيو ته چيف جسٽس سميت سمورا ماڻهو عدالتي حڪم جا پابند آهن، جنهن تي ڊپٽي رجسٽرار جواب ڏنو ته ججز ڪميٽي جي ميٽنگ جا منٽس اڃا تائين نه مليا آهن.
سپريم ڪورٽ بينچن جي اختيارن بابت ڪيس مقرر نه ڪرڻ واري معاملي تي ايڊيشنل رجسٽرار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي حڪم نامي ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪيس ٻڌڻي لاءِ اڄ ڇو نه مقرر ڪيو ويو.
بعد ۾ عدالت آئيني ۽ ريگولر بينچز جي اختيارن بابت ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ايڊشنل جڊيشل رجسٽرار کي توهينِ عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ کيس ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
آئيني ۽ ريگيولر بينچن جي اختيارن وارو مامرو، ايڊيشنل رجسٽرار کي توهينِ عدالت جو نوٽيس جاري
You might also like