ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو تعليم جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جا هاڪاري نتيجا اچڻ گهرجن.
وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي ۾ جي سي ٽي هلال اسڪول بلال ڪالوني جو دورو ڪيو.
وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تعليم وارو صوبائي وزير سردار شاهه به وڏي وزير سان گڏ هو، جي سي ٽي هلال اسڪول بلال ڪالوني ايجوڪيشن فائونڊيشن جو اسڪول آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نگراني هيٺ اسڪولن جي دوري جو به فيصلو ڪيو آهي.
ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ڪراچي ۾ تعليمي ادارن، ٿاڻن، ريوينيو آفيسن ۽ انتظامن جو معائنو ڪندو آهي ۽ سڄي شهر ۾ صفائي سٿرائي توڙي مڪاني ادارن جي معاملن جو به جائزو وٺندو رهندو.
وڏي وزير تعليم واري صوبائي وزير کي دورا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته اسڪول ۾ اسڪول ۾ 559 ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ٻارن جي حساب سان اسڪولن کي فنڊنگ ڪندي آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو چاهن ٿا ته ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اسڪول بهتر انداز ۾ ڪم ڪن، صوبائي وزير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن جي انسپيڪشن ڪري، هو تعليم جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جا هاڪاري نتيجا اچڻ گهرجن.
You might also like