حڪومت جو 9 مئي تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان انڪار، پي ٽي آءِ مطالبن تي جواب تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 9 مئي واري سانحي تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، حڪومتي ڳالهين واري ٽيم پي ٽي آءِ جي لکت ۾ ڏنل مطالبن جا جواب تيار ڪري ڇڏيا آهن. حڪومتي ٽيم پي ٽي آءِ جي هر نقطي تي شق وار جواب تيار ڪيو.
حڪومت جي جواب ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن تي جڊيشل ڪميشن نٿو ٺهي سگهي، ڇو جو جڊيشل ڪميشن اهڙن مامرن تي ٺهندو آهي جيڪي عدالت ۾ بحث هيٺ نه هجن، 9 مئي سانحي جا ڪيس عدالتن ۾ آهن ۽ ڪجھه جوابدارن کي فوجي عدالتن طرفان سزائون به ملي چڪيون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي لکيل جواب ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي 26 نومبر جي واقعن بابت لاپتا ماڻهن جي لسٽ ۽ گرفتار ٿيل ماڻهن جا تفصيل فراهم ڪرڻا پوندا، ڇو جو بنا تفصيل جي انهن جي آزادي لاءِ ڪيئن قدم کڻي سگهجي ٿو ؟
ذريعن موجب، حڪومتي ٽيم پي ٽي آءِ کان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته انهن مبينا فوتگين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، جن بابت دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حڪومتي جواب ملي ويندو ، جنهن کانپوءِ ڳالهين جي چوٿين مرحلي جو فيصلو ڪيو ويندو.
ياد رهي ته حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم جي ٽئين اجلاس ۾ پي ٽي آءِ طرفان 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جڊيشل ڪميشن ۽ عمران خان سميت ٻين ڪارڪنن جي آزادي جا لکت ۾ مطالبا پيش ڪيا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.