19 ٻارن جي ماءُ پي ايڇ ڊي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

چوندا آهن ته سکڻ جي ڪا عمر ناهي، بس شرط اهو آهي ته توهان ۾ سکڻ جو جذبو هجي، پوءِ عمر ۽ ٻين سڀني رنڊڪن کي انسان آساني سان پار ڪري سگهي ٿو.
اهڙو ئي ڪارنامو هڪ سعودي عرب جي عورت انجام ڏنو آهي، جنهن 19 ٻارن جي ماءُ هئڻ باوجود پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪئي، سندس نالو حمده الرويل آهي.
حمده الرويلي 19 ٻارن جي ماءُ هجڻ باوجود پنهنجي تعليم جو خواب پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، حمده نه رڳو پنهنجي ٻارن جي بهترين پرورش ڪئي پر پنهنجي محنت ۽ لڳاءَ سان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به حاصل ڪئي، جيڪو حقيقت ۾ هڪ متاثر ڪندڙ ڪارنامو آهي.
حمده ٻڌايو ته هن پنهنجي زندگي کي هڪ خاص نظام تحت منظم ڪيو آهي، ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجي ٻارن ۽ ڪم تي ڌيان ڏئي ٿي، جڏهن ته رات جو پڙهائي ۽ اي ڪامرس جي ڪاروبار لاءِ وقت ڪڍي ٿي، کيس بي ترتيبي پسند ناهي، تنهن ڪري هر ڏينهن جي منصوبابندي احتياط سان ڪري ٿي.
43 سالن جي عمر کان اڳ حمده بيچلر، ماسٽرز ۽ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون مڪمل ڪيون.
حمده الرويلي سعودي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ ذهني صحت جي شعبي ۾ اهم عهدي تي ڪم ڪري ٿي ۽ گڏوگڏ اي ڪامرس جو ڪاروبار پڻ هلائي ٿي، پنهنجي تعليمي سفر دوران هن ڪيترن ئي چيلينجن کي منهن ڏنو پر ڪڏهن به همت نه هاري.
19 ٻارن جي ماءُ هجڻ هڪ وڏو چيلينج آهي پر حمده پنهنجي ٻارن جي پرورش کي به مثالي بڻايو، ان جا سڀ ٻار پنهنجي تعليم ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن ۽ ڪجهه ته 100 سيڪڙو نمبر حاصل ڪري چڪا آهن.
حمده چيو ته منهنجي لاءِ هڪ ٻار جي پرورش ڏهه ٻارن جي پرورش جيان آهي پر مان هر ٻار جي ضرورتن جو خيال رکندي آهيان ۽ انهن جي شوق جي حوصلا افزائي ڪندي آهيان.
حمده جو ايمان آهي ته اها ڪاميابي سندس محنت، منصوبابندي ۽ خاندان جي سهڪار جو نتيجو آهي، سندس موجب تعليم جو خواب پورو ڪرڻ آسان ناهي پر مون ان کي ڪڏهن به نه ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.