ڪاليج مان نيڪالي کان وٺي ويٽر طور ڪم، اڪشي ڪمار ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذريو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڪشي ڪمار کي بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي پر هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن اڪشي ڪمار پاڻ کي سٺو اداڪار نه سمجهندو هو.
رڳو اهو ئي نه پر هڪ دفعي اڪشي ڪمار کي جم خاني (ڪلب) ۾ داخلا جي اجازت به نه ڏني وئي هئي.
اڪشي ڪمار جڏهن پهريون ڀيرو فلم فيئر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيو ته هن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته هو پاڻ کي ان ايوارڊ جو حقدار نه پيو سمجهي.
سندس چوڻ هو ناقدن کي علم آهي ته مان ڪو سٺو اداڪار ناهيان پر مون کي پاڻ کي به اندازو آهي ته سٺو اداڪار ناهيان، مان توهان کي ٻڌايان ته جنهن ڏينهن مان ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيس ته پاڻ کي ان جي لائق نه پيو سمجهان.
اڪشمي ڪمار موجب هڪ ڀيري مان جم خاني ويس، مان انتظاميا کي چيو ته داخلا وٺڻ چاهيان ٿو پر انڪار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته اسان اداڪارن کي داخلا ناهيون ڏيندا.
بالي ووڊ جو وڏو ايڪٽر بڻجڻ پويان اڪشي ڪمار جي محنت ۽ لڳاءَ جو هڪ مڪمل داستان آهي، ڪاليج مان نيڪالي کانپوءِ اڪشي ڪمار 5 سالن تائين بينڪاڪ ۾ رهيو، جتي هن ٿائي باڪسنگ سکڻ سان گڏ ننڍيون نوڪريون به ڪيون.
پيسو ڪمائڻ لاءِ اڪشي ڪمار 20 سالن جي عمر ۾ ويٽر طور ڪم به ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.