موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ جي نئين لهر کان خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن سبب گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ گرمي پد 4.3 ڊگري گهٽ رڪارڊ ٿيو.
موسميات کاتي موجب گهٽ کان گهٽ پارو 10.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، ٿڌين هوائن سبب ٿڌ جي شدت اصل گرمي پد کان 2 کان 4 درجا وڌيڪ محسوس ٿي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 10 ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي شهر ۾ گرمي پد ۾ واڌ جي به اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن سبب 21 جنوري تائين ڏينهن جو گرمي پد 28 ڊگري تائين رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته اولهه هوائن جي سسٽم سبب 22 جنوري کان شهر ۾ ٿڌ جي نئين لهر اثرانداز ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.