رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ پوليس مقابلي ۾ 16 شهرين ۽ 3 پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث ڌاڙيل مارجي ويو.
پوليس موجب رحيم يار خان جي علائقي ماڇڪا ۾ مقابلي ۾ ڌاڙيل بشير عرف بشو شر مارجي ويو، هو 16 شهرين ۽ 3 پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل جي قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ ڪيتريون ئي گوليون برآمد ٿيون.
You might also like