”جنرل ضياءَ جو دور سڀ کان وڌيڪ آمراڻو هو، سپريم ڪورٽ به استعمال ٿي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ آمراڻو دور جنرل ضياءَ جو هو.
لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڀٽو کي به هٽايو ويو هو، سپريم ڪورٽ پڻ ان ۾ استعمال ٿي، ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پاڻ ان کي تسليم ڪيو.
هن چيو ته لاھور جي شاهي قلعي ۾ سياسي ريلي ڪڍڻ تي ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو، جنرل ضيا سريلنڪا جي حڪومت کان درخواست ڪئي هئي ته سندس ڌيءُ هاٿي جو ٻچو رکڻ چاهي ٿي، اها هڪ حڪومت جي ٻئي ملڪ جي حڪومت کي درخواست هئي، هاٿي به انسانن وانگر گهڻا جذباتي هوندا آهن، 3 سالن جو هاٿي جو ٻچو سريلنڪا کان پاڪستان آيو ۽ هڪ بيڪ يارڊ ۾ رکيو ويو، جڏهن هاٿي جو ٻچو وڏو ٿيو ته انهن فيصلو ڪيو ته اسلام آباد ۾ چڙيا گهر ٺاهيو وڃي ۽ ان کي اتي رکيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته جبري گمشدگي ۽ قيدين جي حقن بابت ججمينٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏني هئي، ڪيترن ئي بنيادي حقن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون ججمينٽس ملنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.