”پي ٽي آءِ حڪومت کي بي اعتمادي ذريعي نه هٽائڻ گهرجي ها“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي بي اعتمادي ذريعي نه هٽائڻ گهرجي ها.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ها، ذاتي طور تي مان اڄ به ان جي حق ۾ ناهيان، اسان کي انهن کي اقتدار پورو ڏيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته اڄ عمران خان 4 سيٽون به نه کٽي سگهي ها.
هن چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ حالتن جي ضرورت هئي، پارليامينٽ تڪليف ڏيندڙ فيصلا به ڪندي آهي، اها ئي پارليامينٽ جي بالادستي آهي.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ جا وزير ۽ ايم اين اي پنهنجي پنجاب حڪومت کان پريشان آهن، وزيراعليٰ مريم نواز انهن سان ملڻ لاءِ تيار ناهي، مون کي وزيرن ٻڌايو ته اڄ تائين ساڻس ناهن ملي سگهيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته خبر ناهي وفاقي حڪومت مدو پورو ڪندي يا نه؟ دعا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.