شريف ڀائرن کي قتل جي ڌمڪين جي الزام ۾ لنڊن مان پي ٽي آءِ سپورٽر گرفتار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس تحريڪ انصاف جي سپورٽر گلفام حسين ڪياني کي گرفتار ڪري ورتو.
اسڪاٽ لينڊ يارڊ ذريعن گلفام حسين جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي، کيس وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف کي قتل جي ڌمڪين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
گلفام ٽڪ ٽاڪ تي شريف ڀائرن کي قتل، ايون فيلڊ اپارٽمينٽس تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ ايون فيلڊ جي درن تي پٿر اڇلائڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون.
اسڪاٽ لينڊ يارڊ 4 ڏينهن اڳ گلفام حسين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.